ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شهر جي هاٽ اسپاٽ، پڪ ڪلاسز ۽ حساس هنڌن تي پوليس کي مقرر ڪيو وڃي، پوليس جو گشت وڌايو وڃي، ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جنهن ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ اضافو ٿيو آهي ان جي ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي تبديل ڪيو وڃي، اسٽريٽ ڪرائم بابت پوليس جي ڊيوٽي جون تصويرون شيئر ڪيون وڃن.وڏي وزير چيو ته ايس ايڇ اوز کي سندن علائقن ۾ ڏوهن جي شرح جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي. سمورن ايس ايس پيز کي گهرجي ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.آءِ جي سنڌ کي چيو ويو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم خلاف ايس ايس يو کي روڊن تي آندو وڃي، اسٽريٽ ڪرائم خلاف رزرو پوليس به گشت ڪري.










