ڪراچي: چوري جي مزاحمت تي عورت جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي: چوري جي مزاحمت تي عورت جي قتل جو ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي عورت جي قتل جو ڪيس شريعت فيصل ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو.پوليس موجب عورت جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل ۽ ڦر جون دفعاتون شامل ڪيون ويون آهن.ايف آءِ آر جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته گذريل رات 8:10 وڳي هو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ميڊيڪل اسٽور تي دوا خريد ڪرڻ لاءِ ويو، هو ميڊيڪل اسٽور اندر دوا خريد ڪرڻ ۾ مصروف هو ته کيس پٺيءَ مان فائرنگ جو آواز آيو.داخل ٿيل ايف آءِ آر موجب مدعي جو چوڻ آهي ته هو ٻاهر نڪتو ته منهنجي گاڏي تي ماڻهن جو رش هو، گوليون هڻي فرار ٿي ويا، واقعي ۾ منهنجي ڀيڻ حياتي وڃائي ويٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو