ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سمورين سياسي پارٽين لاءِ ظابطا اخلاق ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ظابطا اخلاق ٺاهڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارٽي سان رابطو ڪنداسين.هن چيوته پ پ سدائين چيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، تڪڙين چونڊن جي مخالف ڪري رهيا آهيون ته چونڊن ۾ دير جي به مخالفت ڪنداسين.بلاول چيو ته جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي ڪنهن کي مدد ڪرڻي آهي ته ضرور ڪري، اسان ويلڪم ڪنداسين، جيڪڏهن عمران خان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ چاهي ٿوته ڪري.هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته اسان ٻوڏ متاثرن جا تفصيل کيس فراهم ڪيون ته اسان جا ڪامورا ائين نه ڪندا ڇو جوهو پهريان ئي نيب جا ڪيس ڀوڳي رهيا آهن.بلاول عمران خان ڏکڻ پنجاب ۽ ڪي پي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري، جيئن سنڌ جو وڏي وزير ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ لڳل آهي، ائين ئي ڪي پي ۽ پنجاب جو عوام به اوسيئڙي ۾ آهي ته اتان جا وڏا وزير سندن مدد ڪن.هن چيو ته پنجاب ۾ رئيل اسٽيٽ مافياز کي کليل ڇوٽ ڏني وئي، ڪير پڇڻ وارو ناهي، پهريان گوگي ڪي ڪرپشن بوزدار ڪندو هو هاڻي پرويز الاهي ڪري رهيو آهي کانئن ڪير پڇڻ وارو ناهي، عمران خان کي خبر آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ اقتدار ۾ نٿو اچي سگهي، عمر جي هن حصي ۾ ته عمران خان جهموري ماڻهو بڻجي.پنجاب جي وڏي وزير بابت بلاول چيو ته پرويز الاهي مُلڪ جو سينيئر سياستدان آهي، هن سوچي سمجهي بيان ڏنو هوندو، اتحادي پارٽين کي به مشورو آهي ته مسئلن جو سياسي حل ڳوليو وڃي، پرويز الاهي کي وڏو وزير رهڻو آهي ته کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، سياسي، قانوني ۽ جهموري ويڙهه جاري رهندي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا 47 سيڪڙو تعليمي ادارا ٻوڏ سبب متاثر يا تباهه ٿيا آهن، عمران خان اڄ به پنهنجي غلطيون مڃڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جي جوتن ۽ ڪپڙن تي تنقيد، ٽرينڊ هلائڻ بدران ٻوڏ متاثرن تي وقت لڳائن ها ته مُلڪ کي فائدو ٿي ها…….پ پ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ فيصلائتن قدمن کي لازمي قرار ڏيندي ڳالهين جي مخالفت ڪري ڇڏي.پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سيڪريٽري جنرل فرحت الله چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ قدم لازمي آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو به دهشتگردي سان متاثر ٿي، ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ گڏيل طور ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي جڊيشل قتل لکيو وڃي ۽ ان ڪيس جو فيصلو جلد کان جلد ٻڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته هٿياربندن سان ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ڪيون وينديون ۽ نه ئي پ پ ڪڏهن ڳالهين جي حمايت ڪندي. پ پ واضح ڪيو ته پارليامينٽ کان ٻاهر ڪنهن ڳالهه جي حامي ناهي، جڏهن ته پ پ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تازن بيانن جي به مذمت ڪئي، جنهن ۾ هن ادارن خلاف ڳالهايو آهي. فرحت الله بابر چيو ته پ پ چارٽر آف ڊيموڪريسي جي حمايت ڪئي هئي، سياسي ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ اسٽيڪ هولڊرن ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪيون ٿا، آئين اندر رهندي ڪردار جا حامي آهيون، سياست ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي.










