ميونسپل چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻ گهرجن: حافظ نعيم الرحمان

ميونسپل چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻ گهرجن: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته مڪاني چونڊون هر صورت ۾ 15 جنوري تي ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن کي ڏنل خط 24 ڪلاڪن اندر واپس ورتو وڃي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ گورنر ڪيئن مقرر ٿي سگهي ٿو، سنڌ جي گورنر خلاف دبئي ۾ به قبضن جا ڪيس داخل آهن. هن چيو ته ڪالهه بلاول هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پ پ چونڊن جو مطالبو ڪيو هو پر اهو مسئلو ناهي، جڏهن حڪومتون تبديل ٿي رهيون هيون ته ان وقت اختيارن جو معاملو نه اٿاريو ويو، هاڻي مهاجرن جي مينڊيٽ تي ڇو سوچي رهيا آهيو؟ هن وقت ڇو نه؟ حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي مفاد ۾ وزارتن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏنو، ڪهڙين طاقتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، 2014 تائين ايم ڪيو ايم وٽ اختيار هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو