پي پي ايڇ آئي صحت جون بهترسهولتون فراهم ڪري پئي: مير

پي پي ايڇ آئي صحت جون بهترسهولتون فراهم ڪري پئي: مير

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر پي پي ايڇ آئي جي نگراني ۾ هلندڙ گورنمينٽ ڊسپينسري ٻوھرو صاحب خان تعلقو تلهار جو افتتاح ڪيو هن افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ 2007 کان پي پي ايڇ آئي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي هن چيو ته ضلعي بدين ۾ پڻ پي پي ايڇ آئي صحت جون مفت سهولتون ڏئي رهي آهي هن گورنمينٽ ڊسپينسري ٻوھرو صاحب خان جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن ڊسپينسري کي اپ گريڊ ڪري 24 ڪلاڪ سروس لاءِ لاڳاپيل کاتن کي پڻ خط لکيو ويندو ته جيئن هتي جي ماڻهن کي ڏينهن رات صحت جون سهولتون ملي سگهن هن وڌيڪ چيو ته پي پي ايڇ آئي شهر توڙي ٻهراڙين جي ڏوراهن علائقن ۾ ماڻهن کي صحت جون معياري سھولتون مھيا ڪري رهي آهي افتتاحي تقريب کي ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي بي بشير احمد عباسي ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي اي سيد ذاڪر علي شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو