لاڙڪاڻو (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو دنيا جي سياسي آسمان جو چمڪندڙ ستارو هئي جنهن کي اڄوڪي ڏينهن تي ملڪ دشمنن پنڊي ۾ قتل ڪري ڇڏيو.وڏي وزير شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ جي مستقبل کي اونداهون ڪرڻ جي سازش هئي، ان سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ دشمنن کي شڪست ڏني.سندس چوڻ هوته بينظير ڀٽو سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ هن وٽان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو جيڪو مون لاءِ اعزاز آهي.هن چيو ته بينظير ڀٽو جي آخري منشور ۾ تعليم، توانائي ۽ ماحول جو تحفظ سرفهرست رکيو هو، پندرنهن ورهين بعد جنهن ماحولياتي تبديلي جا اثر ٻوڏ جي صورت ۾ هي ملڪ ڀوڳي رهيو آهي اِهو محترمه جي ويجن جو ثبوت آهي.وڏي وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جهڙا عظيم، بهادر ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، اڄ اسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بي بي جي مزار آڏو گڏ ٿي سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جي واعدي جي تجديد ڪري رهيا آهيون.










