لاڙڪاڻو(رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي، جلسي کي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندا.شهيد بينظير ڀٽو جي 15 هين ورسي جي موقعي تي اڄ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت سڄي ملڪ مان مرڪزي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڄ ڳڙهي خدا بخش ۾ مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندا.پيپلزپارٽي جي تحت سالگرهه جي موقعي تي ريلي 3 وڳي مزار جي احاطي ۾ شروع ٿيندي، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي جي مرڪزي قيادت خطاب ڪندي.پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ مان ڪارڪن لاڙڪاڻي پهچي رهيا آهن، چئني صوبن مان ايندڙ ڪارڪنن لاءِ اسيمبلي هال ۾ انڪالرز ٺاهيا ويا آهن.سنڌ پوليس ۽ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جا اهلڪار پيپلز پارٽي جي رضاڪارن سان گڏ ريلي هال ۾ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا.اسٽيج تي سنڌ پوليس جا اسپيشل سڪيورٽي ڪمانڊوز سڪيورٽي جا ذميوار هوندا، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار به جلسي جي موقعي تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.پيپلز ڊاڪٽرز فورم پاران اسيمبلي هال ۾ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ ذيلي تنظيمن سنڌ پيپلز يوٿ، پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن، وومين ڊپارٽمينٽ، ڪلچرل ونگ، اقليتي ونگ جا ڪارڪن به ڳڙهي خدا بخش پهچي ويا آهن…پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هٿ ٺوڪين جي ڪوڙ جي سياست کي رد ڪنداسين، جيئن مشرف ماضي جو حصو بڻجي چڪو، ائين ئي سليڪٽڊ به ماضي جو حصو آهي، اسان مشرف وانگر سليڪٽڊ کي به کير مان مک جيان ڪڍيو آهي.بينظير ڀٽو جي 15هين ورسي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو کي ڪهڙي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو ڪوڙ نه سچ جي سياست تي يقين رکندي هئي، دهشتگردي ۽ آمريت هڪ ئي سڪي جا ٻه رُخ آهن، دهشتگردي پکيڙي توهان جا حق کسيا ويندا آهن، آمريت بندوق جي طاقت سان آزادي کسيندي آهي.هن چيو ته اسان ڏڦيڙ جي سياست کي دفن ڪنداسين، هٿ ٺوڪين جي ڪوڙ جي سياست کي رد ڪنداسين، هن ملڪ کي جوڙينداسين، يڪجهتي سان سياست ڪنداسين، ماڻهن کي نه وڙهائينداسين.سندس چوڻ هو ته پهريون ڀيرو بي اعتمادي ذريعي وزيراعظم کي گهر موڪليو ويو، سليڪٽڊ بي اعتمادي جو ڪريڊٽ جو بائيڊن کي ڏيڻ چاهي ٿو، عمران خان کي آمريڪي صدر نه جيالن ڪڍيو، بي اعتمادي جي سازش وائيٽ هائوس نه بلاول هائوس ۾ تيار ٿي ۽ اها بند ڪمرن جي سازش نه هئي، اسان روڊن تي بيهي اعلان ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو هدف حاصل ڪري ڏيکاريو.










