اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان اوهان کي پتو آهي ته اوهان جو اقتدار ايوان ۾ اوهان اڪثريت وڃائڻ سان ختم ٿيو نوازشريف جو مينڊيٽ چوري ڪري توهان ملڪ تي مڙهيا ويا هئا. جيڪا شئي پنهنجي نه هجي اصل مالڪ کي واپس ڪرڻي پوي ٿي پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اوهان پنهنجي حڪومت کي پنهنجي ڪوڙ ڪرپشن ۽ نااهلي سان ختم ڪريو هن چيو ته 100 سيڪڙو پاڪستاني چون ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو شفاف اليڪشن آهي پر آئيني مدو پورو ٿيڻ تي آڪٽوبر 2023، هن چيو ته عمران خان اوهان عوام دشمني، آئين ٽوڙيو ۽ ملڪ جي مفاد سان کيڏ کيڏي عمران خان صاحب 23 ڊسمبر آهي پنجاب ۾ خيبرپختونخواه اسيمبلي؟ ملڪ کي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندڙ پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو هن چيو ته ملڪ کي تاريخي قرضن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ڇئو ٿا ته مون کي ڇو ڪڍيو وفاقي وزير چيو ته قومي مفادن سان کيڏ کيڏي ڪشمير جو سودو ڪيو ۽ پڇو ٿا مون کي ڇو ڪڍيو.










