اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي، اسلام آباد مقامي حڪومت ترميمي بل 2022ع اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اسلام آباد جي مقامي حڪومت ترميمي بل 2022ع منظور ڪيو ويو آهي.بل تحت اسلام آباد جي مقاني چونڊن ۾ يونين ڪائونسلز جو انگ 125 ڪيو ويو آهي، بل جي منظوري کان اڳ يونين ڪائونسلز جو انگ هڪ سئو هو.بل جي متن موجب اسلام آباد مقامي حڪومت بل فوري طور لاڳو ٿيندو، بل موجب اسلام آباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ سڌي ريت ٿيندي، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ هڪ ئي ووٽ ڪاسٽ ٿيندو ۽ سيٽ خالي ٿيڻ تي ٻيهر سڌي سنئين چونڊ ٿيندي، سڌي سنئين چونڊ لاءِ ووٽنگ يونين ڪائونسل جي اليڪشن واري ڏينهن ئي ٿيندي.ان کانسواءِ قومي اسيمبلي ۾ وفاقي ملازمن بينورلنٽ فنڊو گروپ انشورنس ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم وارو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي.










