ميرانشاهه(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪورٽي فورسز جي گاڏي تي حملي ۾ 2 مقامي ماڻهو فوت ٿي ويا.پوليس موجب حملو ڪندڙ رڪشا سرڪاري گاڏيءَ سان ٽڪر هڻي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مقامي ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيڻ وارن کي علاج لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب فوتين جو تعلق نورڪ مرسي خيل سان آهي، جنهن جي سڃاڻپ سيد الله ۽ غني ڪيئي جي نالي سان ٿي آهي.واقعي کانپوءِ پوليس ۽ ٻين فورسز علائقي ۾ تلاشي شروع ڪري ڇڏي آهي.










