ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گئس ڪمپني ( ايس ايس جي سي ) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بدترين لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد چويهه ڪلاڪن مان رڳو اٺ ڪلاڪ گئس موجود هوندي.سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قدرتي گئس استعمال ڪرڻ وارن لاءِ بُري خبر اچي وئي، ايس ايس جي سي بدترين لوڊشيڊنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سوئي سدرن گئس ڪمپني جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ رڳو اٺ ڪلاڪ گئس دستياب هوندي.ايس ايس جي سي موجب صبح 6 کان 9، منجهند 12 کان 2 ۽ رات 6 کان 9 وڳي تائين گئس ملي سگهندي.ڪمپني ٻڌايو ته ايس ايس جي 350 کان 400 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.










