سينيٽر اعظم سواتي سان ڪيل ورتاءُ مذمت جوڳو آهي: علي زيدي

سينيٽر اعظم سواتي سان ڪيل ورتاءُ مذمت جوڳو آهي: علي زيدي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آئي سنڌ جي صدر علي زيدي چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ اندير نگري چرٻٽ راجا آهي سينيٽراعظم سواتي سان ڪيو ويندڙ ورتاءُ نهايت مذمت جوڳو آهي حڪومت انسانيت، جمهوريت ۽ عدل ۽ انصاف جي پٽڙي تان لهي چڪي آهي بي رحماني ڪردار، غير انساني ۽ غير قانوني عمل سان نفرتون وڌنديون اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آئي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو علي زيدي وڌيڪ چيو ته پي ٽي ائي امپورٽيڊ حڪومت جي اهڙين حرڪتن جو بهادري سان مقابلو ڪندي انهن ماڻهن جي سيني ۾ دل نه آهي پر اقتدار جي حوس آهي هن رياستي فاشزم جي خلاف سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو عدالتن ۾ 21 لک کان وڌيڪ التوا هيٺ ڪيسن بدران هڪ ٽوئٽ ڪرڻ تي ڪيس هلايو پيو وڃي پاڪستاني عدالتن جو امتحان آهي ته اهي قانون ۽ آئين مطابق فيصلا ڪن مبين جتوئي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته منهنجي وزارت منهنجي مرضي واري وزير عمران خان جي مقبوليت سان ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن شرجيل ميمڻ جي ذهني حالت ڳڻتي جوڳي آهي ڪرپشن ۾ پيرن کان مٿي تائين ٻڏل سخص اسان کي مني لانڊرنگ تي ڀاشن ڏئي رهيو آهي شرجيل ميمڻ ٻين تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ان جا چيئرمين زڪوات جي پئسن سان ٻاهرين ملڪن ۾ عياشيون ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته شرجيل ميمڻ سميت سمورن وزيرن کي عمران خان فوبيا ٿي ويو اهي.

پهنجو تبصرو موڪليو