عمران خان مرضي مرضي جي رٽ لڳائي رکي آهي:شرجيل

عمران خان مرضي مرضي جي رٽ لڳائي رکي آهي:شرجيل

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته ”منهنجي گهڙي منهنجي مرضي، منهنجي گوگي منهنجي مرضي، منهنجا فارن اڪائونٽس منهنجي مرضي، منهنجي مني لانڊرنگ منهنجي مرضي، چندي جا پيسا ,منهنجا منهنجي مرضي، منهنجي ڪي پي ڪي جي بي آر ٽي, منهنجي مرضي، منهنجو مالم جبا منهنجي مرضي، منهنجو هيلي ڪاپٽر منهنجي مرضي؟؟؟” هن چيو ته عمران خان مرضي مرضي جي رٽ لڳائي رکي آهي، ڇا پاڪستان کي عمران خان پنهنجي جاگير سمجھي ٿو . صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن جي مرضي ۽ خواهشن تي نٿو هلي سگهي. پاڪستان وٽ لکت۾ آئين موجود آهي ۽ قانون کان ڪوبہ مٿانهون ناهي. تمام جلد عمران خان قانون جي گرفت ۾ هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو