سنڌ جي  2 سرجنز لاءِ ڊاڪٽر آف سائنس جون اعزازي ڊگريون

سنڌ جي 2 سرجنز لاءِ ڊاڪٽر آف سائنس جون اعزازي ڊگريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري 2 سرجنز کي ڊاڪٽر آف سائنس جون اعزازي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر پروفيسر سعيد قريشي جو چوڻ آهي ته پهريون ڀيرو ڊائو يونيورسٽي طرفان ڊاڪٽر آف سائنس جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون.پروفيسر سعيد قريشي چيو ته يونيورسٽي سنڊيڪيٽ سرجن کي ڊاڪٽر آف سائنس جون ڊگريون ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي.وائيس چانسلر جو چوڻ آهي ته پروفيسر محمد منصور محي الدين ۽ ڊاڪٽر فيصل مسعود ڊار کي هن هفتي ڊاڪٽر آف سائنس جي اعزازي ڊگري ڏني ويندي.هن چيو ته پروفيسر منصور محي الدين سور جي دل کي انساني جسم ۾ امپلانٽ ڪري عالمي شهرت حاصل ڪئي، هو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ پريڪٽس ڪري ٿو.ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پروفيسر فيصل مسعود ڊار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جو سربراهه آهي، هن 2 هزار کان وڌيڪ ليور ٽرانسپلانٽ ڪرايا آهن.پروفيسر سعيد قريشي جو اهو به چوڻ آهي ته پروفيسر فيصل سعود ڊار پاڪستان جي 4 وڏين اسپتالن ۾ ليور ٽرانسپلانٽ شروع ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو