کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي ڪيمپ

نواب شاھ (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء پريس ڪلب سامھون احتجاجي ڪيمپ 26 هين ڏينهن به جاري  آهي. جنهن ۾ سينئر قومپرست اڳواڻ  سرفراز ميمڻ، جسقم اڳوڻو ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو اڳواڻ دودو سيال، جساف اڳواڻ اشفاق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ صابر سھتو ٻيا قومي ڪارڪن سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ جبري گمشدگيون يو اين او جي 10 ڊسمبر 1948 ع واري پڌرائي مطابق انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ خود پاڪستاني قانون جي آرٽيڪل 4. 9. 10. ۽ 14 جي پڻ ڀڃڪڙي آهي. جيڪا پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن طرفان ڪئي پئي وڃي.اسان تهذيب يا فته قومن، محڪوم قومن، عالمي عدالت، انساني حقن جي تنظيمن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ ميڊيا کي اپيل ڪيون ٿا ته اهي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي طرفان ٿيندڙ غير اخلاقي ۽ غير قانوني جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي. سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن جي مدد ڪن ۽ انھن کي آزاد ڪرايو وڃي .

پهنجو تبصرو موڪليو