پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن جي قتل خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ)جسقم ۽ جساف پاران ڪنڌڪوٽ واسي ٻن نوجوانن امداد ملڪ ۽ اياز چولياڻي کي شڪارپور پوليس پاران مبينا ڪوڙي مقابلي ۾ مارڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو والي ڏنو سبزوئي.حفيظ سنڌي ۽ بشام جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شڪارپور ضلعي جي پوليس پاران شاگرد امداد ملڪ ۽ اياز چولياڻي کي ڪوڙي مقابلي ۾ بي دردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته شڪارپور ضلعي پوليس جي اهڙي ظلم تي سنڌ حڪومت سميت ڪنهن به وس واري اداري اڃان سوڌو نوٽيس ناهي ورتو هنن چيو ته شڪارپور ضلعي پوليس جي اهڙي ظلم تي سنڌي عوام سوڳ ۾ آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي مقتول ڌاڙيلن جا سهولتڪار هئا ۽ سندن لاءِ مخبري ڪرڻ، ماڻهو اعوا ڪرائڻ ۽ ڀنگ وصول ڪرڻ سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو