’سليڪٽڊ سنڌ جو پاڻي بند ڪري، هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو‘

’سليڪٽڊ سنڌ جو پاڻي بند ڪري، هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪيو‘

خيرپور(سجاد علي ڪٻر )پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت سنڌ جو پاڻي بند ڪيو، عوام جا فصل سڙي رهيا آهن، هاڻي سنڌ جي هزارين ماڻهن کي بيروزگاري ڪيو ويو آهي. اهڙو اظهار بلاول ڀٽو زرداري وساڻ هائوس ڪنب پهچي مشير براء زراعت منظور حسين وساڻ سان سندس ڀاء  ۽ ڀيڻ جي وفات تي تعزيت کانپو۽ ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجو رويو ٺيڪ نه ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو روڊن تي ايندا ۽ پنهنجا حق وٺڻ ڄاڻن ٿا.هن چيو ته عمران سرڪار عوام کي بک ۽  بدحالي کانسوا۽ ڪجه به ناهي ڏنو هاڻي جلد ان سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين ۽ اسان کي ديوار سان نه لڳايو وڃي عوام تيار رهي گڏجي نالائق حڪومت کي سبق سيکارينداسين پيپلزپارٽي حڪومت اچڻ واري آهي پاڪستان جي معشيت کي بهترين ٽريڪ تي آندو ويندو . بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سليڪٽڊ حڪومت هر پاڪستاني کي تڪليف پهچائي آهي  پاڪستان جي معيشت عمران خان تباه ڪئي آهي جيالو اوهان تيار رهو هاڻي هن بيروزگاري کان اوهان کي جلد هن نالائق حڪومت کان جان ڇڏائينداسين هن وڌيڪ چيو ته عمران سرڪار ڪهڙي منهن سان 3سالا جشن ملهائي رهي آهي هر صوبي ۾ عمران سرڪار ڌاڙو هنيو آهي نااهل حڪومت پاڪستان جي غيور عوام مٿان مسلط ڪئي وئي آهي وزيراعظم هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بجاء  نوڪريون ڪندڙ نوجوانن کي ادارن مان ڪڍيو آهي اسٽيل مل ۾ 10هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو سنڌ پبلڪ سروس کي سازش تحت بند ڪيو ويو آهي سنڌ جي نوجوانن سان مذاق ڪيو پيو وڃي معاشي بحران ۾ عمران سرڪار ڪهڙي پاليسي تحت حڪومت هلائي رهيو آهي 3سالن  ۾ ڪروڙين نوجوانن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي خان صاحب 50لک گهر ٺاهڻ وارا دعوا ڪاڏي وئي؟ عمران خان پنهنجي بني گالا ريگيوليٽ ڪري رهيو آهي ڇا اها تبديلي آهي خيبر پختونخواه ,پنجاب, بلوچستان فيڊرل گورنميٽ ڪجه به ناهي ڏنو ان وڌيڪ چيو ته ارسا جي ناجائزين جي ڪري سنڌ کي پاڻي نٿو ملي سنڌ کي پاڻي نه ڏيڻ سميت سليڪٽيڊ سرڪار اين ايف سي ايوارڊ 18هين ترميم سميت ڪيترائي ئي حملا ڪيا آهن هاڻي عوام جي حقن لا۽ احتجاج ڪنداسين اسان کي ديوار سان نه لڳايو وڃي پيپلزپارٽي جي حڪومت جلد اچڻ واري آهي برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪري نيون نوڪريون ڏئي پاڪستان جي معاشي بحران کي بهتر ڪيو ويندو اسان ڪجه دوستن تي ڀروسو ڪيوسين پر اسان کي دوکو مليو هاڻي تبديلي پيپلزپارٽي آڻيندي بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻو وڏو وزير سنڌ سيد قائم علي شاه،ايم اين اي جاويد شاھ ايم اين اي سيده نفيسه شاھ, بيريسٽر شيراز شوڪت راڄپر, نواب علي وساڻ, ساجد علي ٻانڀڻ, سيڪريٽري جميل سومرو سميت ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

Bilawal condolence with Pir Fazal Shah and Piyar Ali Shah Jilani

ان کان اڳ هن راڻيپور ۾ پير فضل شاهه جيلاني ايم پي اي پيار علي شاهه سان سندس والده ۽ ڀائٽي جي وفات تي فاتحه ڪئي. خير پور ايندي مورو بائي پاس تي لنجار ھائوس وٽ جيالن ورڪرن عھديدارن ۽ پارٽي سان محبت رکندڙن نذير احمد ميمڻ رئيس فيروز احمد خان جمالي دوست علي سولنگي سردارذوھيب علي ڏيپر وڏيرو  افضل خان سولنگي ۽ ٻين سندس جيئي ڀٽو جي نعرن سان ۽ گلاب جي گلن سان ڀرپور استقبال ڪيو. ڌيرڻ مان گذرڻ دؤران پ پ ايم اين اي رئيس ذوالفقار علي بھڻ رئيس عزيز احمد خان بھڻ ڌڻي بخش بھڻ قادر ساٽي پيار علي بھڻ ۽ ٻين جيئي ڀٽو جي نعرن ۽ گلاب جي گلن جي ورکا سان سندس شاندار آجيان ڪئي.نوشھرو فيروز بائي پاس تي پ پ ايم پي اي رئيس ممتاز علي چانڊيو لالا شوڪت چانڊيو پنھنجي محبوب ليڊر جي جيئي ڀٽو جيئي عوام جي نعرن سان ۽ گلاب جي گلن جي ورکا ڪري ڀرپور استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو