پوليس پاران مقابلي بعد 4 ڦورو گرفتار 3 فرار ٿيڻ جي دعويٰ

پوليس پاران مقابلي بعد 4 ڦورو گرفتار 3 فرار ٿيڻ جي دعويٰ

نوشھرو فيروز ( رپورٽ اسد علي عمراڻي )دريا خان مري پوليس پاران گشت دوارن مھراڻ ھاء وي منگيا موري وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو  مبينا پوليس مقابلي دوران ھڪ جوابدار بادل چانڊيو کي زخمي حالت ۾ رپيٽر ۽ 3 ساٿين سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي دريا خان مري ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ 4 گرفتار ٿيل جوابدارن بادل چانڊيو جاويد چانڊيو محمد عرس چانڊيو مختيار چانڊيو سميت فرار ٿيل 3 جوابدارن ارشاد ولد گل بھار ماڇي جاني ولد افروز وسطڙو مصطفي عرف مصطو فقير خلاف گناھ نمبر 134/2021 قلم نمبر 353 . 324 . 402 . 399PP تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ايس ايڇ او دريا خان مري مجيب الرحمان ناريجو موجب دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھاء وي منگيا موري وٽ پوليس پارٽي سان گڏ گشت ڪري رھيا ھياسين ته ڦر جي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل 7 جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو