تعليم کي تالا نامنظور، اسڪول کوليو، شاگردن جو احتجاج

تعليم کي تالا نامنظور، اسڪول کوليو، شاگردن جو احتجاج

نوشھرو فيروز(ن سنڌيار )نوشھرو فيروز جا شاگرد وزير اعلي مراد علي شاھ جي روز روز تعليم دشمن اعلانن جي خلاف نيشنل پريس ڪلب پھچي ويا نيشنل پريس اڳيان احتجاجي مظاھرو سخت نعري بازي تعليم بابت ھر اعلان نامنظور ۔تعليم کي تالا نا منظور۔اسڪول کوليو تعليم بچايو ان موقعي تي زوھيب ڏنگراج ۔وسيم خان لھراڻي ۔عرفان ڏنڱراج ۔اسلام عباسي ۔امجد سولنگي ۔شير محمد مري ۔ڪمال کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي تعليم تباه ڪئي پئي وڃي ٻين صوبن ۾ تعليمي ادارا کليل ۽ سنڌ صوبي جا تعليمي ادارا بند ڇو اسان وزير اعلي سنڌ کان پڇڻ چاھيون ٿا اھي مال پڙيون اھي محرم ۾ ھزارين ماڻھو گڏجي ماتم ڪن ٿا اتي ڪرونا ڪان آھي باقي رڳو ڪرونا جو زور اسڪلن تي خدارا خدا جي واسطي اھا تعليم دشمن پاليس ختم ڪر فورن اسڪول کولڻ جو اعلان ڪر نه ته سومر کان وٺي سوين شاگرد احتاجي تحريڪ ھلائيندا ڪجھ به ٿيو ان جي ذميواري توھان جي ھوندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو