اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سڏ تي ٿر جون زمينون آباد ڪرڻ لاء بئراج مان ٿر کي ڪئنال ڏيڻ،آر او پلانٽ بند هجڻ، وياج جي ڪاروبار ۽ ٻين مسئلن خلاف اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو ڪامريڊ امداد قاضي، ڏامرو مل،ڪامريڊ اقبال،ديال ميگهواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ريلي ڪڍي پُڻ ويئي،جيڪا پريس ڪلب کان ٿيندي وچ شهر ۾ پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو،احتجاج کي خطاب ڪندي ڪامريڊ امداد قاضي،ڪامريڊ اقبال،ڏامرو مل،ديال ميگهواڙ ۽ ٻين چيو آهي ته ٿر ۾ 8 ارب روپين جي لاڳت وارو آر او پلانٽس منصوبو ڪرپشن ڪري ناڪام ڪيو ويو،جنهن سبب سمورا پلانٽ بند آهن ۽ وري اوسلو نالي ڪمپني کي 30 ڪروڙ ڏيئي وڌيڪ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي،ٿر کي ڪئنال ڏنو وڃي،وياج جو ڪاروبار بند ڪري اسيمبلي مان قانونسازي ڪئي وڃي،پنجاب ۽ بلوچستان ۾ وياج جي ڪاروبار خلاف بل پاس ٿي چُڪا آهن سنڌ حڪومت مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي،ٿر ۾ گئوچر زمينن تي وڏيرن جا قبضا برقرار آهن،جنهن سبب چوپايو مال بکن وگهي پاھ ٿي رهيو آهي،هنن چيو ته ٿر ۾ ڪوئلو موجود آهي پر فائدو ٿر کي ناهي ٿي رهيو،اِها بجلي پنجاڀ ڏانهن پئي وڃي هتي جا ماڻهو بکن وگهي خودڪشيون ڪري رهيا آهن،ٿر ڪول جي منصوبن ۾ مقامي ماڻهن سان سراسر ظلم هلي رهيو آهي،روزگار ڏيڻ ته پري جي ڳالھ پر ويتر روزگار تي لڳل مزدورن کي ٽارچر سيلن ۾ تشدد ڪري ماريو ويو وڃي،تازو دودي ڀيل کي قتل ڪيو ويو،بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون رُڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رُڌل آهن،ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿا ٿين،هتان جي ماڻهن جي تقدير تبديل نه ٿي رهي آهي،ٿر ۾ 8 ارب روپين جي لاڳت سان 750 آر او پلانٽ لڳائي ڪرپشن ڪئي ويئي،جنهن مان 6 سئو کن پلانٽ لڳا باقي جي مشينري ڪٿي نظر نه ٿي اچي،هاڻي وري هڪ ٻي اوسلو ڪمپني کي ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ٺيڪو ڏنو ويو آهي جنهن کان به پلانٽ نه ٿا هلن،رُڳو ڪرپشن ٿي رهي آهي،ٿر کي ڪئنال ڏيئي آباد ڪيو وڃي،پاڙيسري ملڪ انڊيا واري ٿر ۾ اندران ڪئنال ذريعي راجستان کي آباد ڪيو ويو آهي ائين ئي ٿر کي سنڌو مان ڪئنال ڏيئي آباد ڪيو وڃي،آر او پلانٽ رڳو ڪرپشن ڪرڻ جو منصوبو آهي،ڪئنال مستقبل حل آهي.
پاڪستان جي تعليم.جو ٻڏل ٻيڙو ۽ ان کي تارڻ جا طريقا؛؛؛
بجلي هڪ رپيو 45 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جا امڪان
ڪرغستان مقامي ۽ پرڏيھي شاگردن ۾ جھيڙو،پاڪستاني شاگرد زخمي
نادرا جديد ترين آل ان ون ڊجيٽل سڃاڻپ ڪٽ تيار ڪري ورتي
بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي،بلاول
سنڌ ۽ پنجاب ۾ 21 مئي کان هيٽ ويو جي اڳڪٿي
اغوا جا واقعا امن امان جي سنگين صورتحال جي نشاندهي ڪن ٿا
ڪوئيٽه پريس ڪلب جي تالا بندي، آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي قرار
حيدرآباد جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ فائرنگ، ٻه ڄڻا سخت زخمي
ميڊيا کي توهين عدالت تي ٻڌل مواد نشر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي
خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت
ڪرغز سفارتخاني جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊيمارش لاءِ پرڏيهي کاتي طلب
سرهاڙي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو
ملڪ ۾ اڄ سون جي في تولو قيمت ۾ 3100 رپيا واڌ
سنڌ ۾ عيد الاضحيٰ لاءِ سڪيورٽي پلان تيار طلب
جسٽس منيب اختر سپريم ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
ن ليگ ورڪنگ ڪميٽي اجلاس، شهباز شريف پارٽي جو وقتي صدر نامزد
گنڊاپور پاڻ کي تيس مار خان ٿو سمجهي پر هو رڳو هوا ۾ فائر ڪندو آهي
صدف جي اچڻ سان ئي انداز زندگي ۾ تبديلي آئي: شهروز سبزواري
پسني جي پھاڙي علائقي مان ڪروڙين رپين جي چرس ھٿ