مٽي جو طوفان، برسات3 فوت 5 زخمي، فصل تباهه، بجلي بند

مٽي جو طوفان، برسات3 فوت 5 زخمي، فصل تباهه، بجلي بند

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جي تيز طوفان، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان تيز بارش ۽ ڳڙي سبب وڏو نقصان ٿيو آهن، ڪڻڪ جو تيار فصل سخت متاثر ٿيو آهي. مٽي جي طوفان سبب، سائن بورڊ ۽ وڻ پٽجي ويا، ڪکائن گهرن جون ڇتيون ۽ سولر پليٽون اڏامي ويون. اڪثر شهرن ۾ بجلي غائب آهي. سکر، روهڙي، لاڙڪاڻي، ڀريا سٽي، نوشهرو، جوهي، ڊرگهه بالا، گاج بنگلو، ويرو خان، قصبو، پٽ گل محمد سميت مختلف علائقن مان مليل اطلاعن موجب 3 ڄڻا فوت ۽ 5 سخت زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي ۾ تيز هوا سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 سالن جو بزرگ 3 سالن جي معصوم ٻارڙي ٿڏي تي فوت ۽ 14 سالا نوجوان ناري زخمي، وڳڻ ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي فوت 4 سخت ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو