مبارڪپور( ن سنڌيار) مبارڪپور شھر جي مين اسٽاپ وٽ بنگلاڻي برداري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو. لٺيون. ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 ڄڻا سخت زخمي، زخمين کي مبارڪپور پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو 5 ڄڻن مٿان اين سي داخل، مبارڪپور پوليس جي ڳوٺ مٿان چڙهائي، جوابدار فرار، 6 ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي،مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ پراڻو ميرل جا رهواسي بنگلاڻي برادري جا ماڻهون مبارڪپور شھر جي مين اسٽاپ تي پئسن جي ڏيتي ليتي تان وڙهي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌر فخرالدين بنگلاڻي جي ماڻهن اشرف بنگلاڻي جي ڌر جي ماڻهن مٿان حملو ڪري لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي 5 ڄڻن امداد بنگلاڻي ،الطاف اشرف بنگلاڻي سميت 5 ڄڻن کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي جهيڙي جو اطلاع مبارڪپور پوليس کي ڏنو ويو. جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي ٿاڻي تي کڻي آھي. جتي مبارڪپور پوليس زخمين کي ليٽر ڏيئي اعلاج لاءِ تعلقه اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ڌر اشرف بنگلاڻي جي فرياد تي 5 ڄڻن فخر الدين بنگلاڻي، ڪالو بنگلاڻي، مٺل بنگلاڻي ۽ ٻين مٿان اين سي داخل ڪري ڇڏي. جنهن بعد مبارڪپور پوليس جوابدار جي گرفتاري لاء ڳوٺ ميرل پراڻو ۾ چڙهائي ڪئي، جتي پوليس کي ڏسي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن تي پوليس جوابدارن جي گهرن ۾ بيٺل 6 ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا،










