ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريشن سوسائٽي ۾ ڪِريل عمارت مان وڌيڪ ٻه لاش هٿ آيا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، جڏهن ته حادثي کانپوءِ 13 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي ۾ 143 عمارتون عدالتي حڪمِ امتناع باوجود تعمير هيٺ هيون، جن تي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ايڊمنسٽريشن سوسائٽي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ اختيارين موجب شهر ۾ بنا اجازت تعمير ٿيندڙ 143 عمارتن کي سيل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اربع ڏينهن 600 گز جي رهائشي پلاٽ تي ٺهيل ڇهه ماڙ عمارت ڪجهه ئي لمحن ۾ پٽ پئجي وئي هئي. عمارت جو منظور ٿيل نقشو گرائونڊ پلس ون جو هو، پر ان ۾ پنج اضافي ماڙ تعمير ڪيون ويون هيون، جڏهن ته ڇهين ماڙ جو ڪم اڃا مڪمل نه ٿيو هو.










