غزا: (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گذريل سال 11 آڪٽوبر تي جنگبندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ هينئر تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو مجموعي انگ وڌي 1705 ٿي ويو آهي. صحت واري وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل پاران مڙهيل جنگ شروع ٿيڻ کان هينئر تائين غزا ۾ مجموعي طور 74 هزار 772 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ لک 76 هزار 298 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.










