اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ جمعي 27 نومبر تي ڪا به عدالتي ڪارروائي نه ٿيندي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد جي ريڊ زون جي بندش ۽ وڪيلن، درخواستگذارن توڙي عدالتي عملي کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي 27 نومبر تي عدالتي ڪم معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان ڏينهن عدالت جون سموريون ڪاز لسٽون پڻ رد ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز 2026ع جي رول 5(2) تحت عدالتي ڪارروائي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. فيصلي تحت وفاقي آئيني عدالت جا آفيسر ۽ عملو 27 نومبر تي گهرن مان ڪم ڪندا، جڏهن ته کين اسٽيشن ڇڏڻ جي اجازت نه هوندي. نوٽيفڪيشن موجب وفاقي آئيني عدالت جون چارئي برانچ رجسٽريون عدالتي ۽ انتظامي معاملن جي انجامدهي لاءِ کليل رهنديون. واضح رهي ته وفاقي آئيني عدالت جو اهو نوٽيفڪيشن چيف جسٽس جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي.










