اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 8 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ٽيون عالمي ٽينڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عالمي سپلائرز کان بوليون طلب ڪيون ويون آهن.ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) پاران جاري ڪيل ٽينڊر دستاويزن موجب ڪڻڪ درآمد ڪرڻ لاءِ بوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن منجهند جو 2:30 وڳي ٽيڪنيڪي بوليون کوليون وينديون. عالمي سپلائرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ٻولي ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.ٽينڊر تحت ڀارت، اسرائيل ۽ ٻين پابندي مڙهيل ملڪن کان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ تي پابندي هوندي. جنگ سٽيل علائقن مان ڪڻڪ فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي متبادل ملڪن مان سپلاءِ جي آڇ به ڏيڻي پوندي.ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي خواهشمند سپلائرز لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجن سالن جو برآمدي تجربو ۽ گذريل پنجن سالن دوران گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي شرط لاڳو ڪئي وئي آهي.دستاويزن موجب درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ سال 2026ع جي نئين فصل جي هئڻ گهرجي. ڪڻڪ ۾ نمي جي وڌ ۾ وڌ شرح 14.5 سيڪڙو، پروٽين گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ۽ ويٽ گلوٽن جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 23 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. معيار تي پورو نه لهندڙ ڪڻڪ رد ڪئي ويندي، جڏهن ته ٺيڪي جو فيصلو مجموعي طور گهٽ ۾ گهٽ لاڳت جي بنياد تي ڪيو ويندو.ڪڻڪ جي ترسيل لاءِ ٻه مرحلا مقرر ڪيا ويا آهن. پهرئين مرحلي ۾ 4 لک ٽن ڪڻڪ 25 ڊسمبر 2026ع کان 5 جنوري 2027ع تائين پاڪستان رواني ڪرڻي پوندي، جڏهن ته وڌيڪ 4 لک ٽن ڪڻڪ 6 کان 15 جنوري 2027ع دوران رواني ڪئي ويندي.ٽينڊر موجب سموريون 8 لک ٽن ڪڻڪ 15 فيبروري 2027ع تائين ڪراچي يا گوادر جي بندرگاهن تي پهچائڻ لازمي هوندو. مقرر وقت اندر ڪڻڪ نه پهچائڻ جي صورت ۾ روزانو في ٽن تي 25 آمريڪي سينٽ ابتدائي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.










