لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال، امن امان ۽ حڪومتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ۽ نون صوبن جي قيام بابت معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي چوڌري شجاعت حسين چيو ته نون صوبن جو قيام سڌو سنئون عوامي سهولت، بهتر حڪمراني، انتظامي ڪارڪردگي ۽ ملڪ جي مستقبل سان لاڳاپيل آهي. انتظامي يونٽن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ به هڪ اثرائتو رستو ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان جا سڀ کان وڏا اسٽيڪ هولڊر عام ماڻهو آهن، اڄ درست رخ ۾ قدم نه کنيو ويو ته سڀاڻي معافي نه ملندي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي عوام جي خواهش موجب سمورا فيصلا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن امان جي قيام لاءِ کنيل قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو.ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ صوبائي وزير صنعت چوڌري شافع حسين پڻ موجود هئا.










