نوشهروفيروز ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهوٽ جو پيءُ قتل

نوشهروفيروز ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهوٽ جو پيءُ قتل

نوشهروفيروز ) ن س )نوشهروفيروز ۾ ابڙان ڀرسان ڳوٺ تي هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان جو پيءُ قتل ٿي ويو.پوليس موجب نوجوان غلام مجتبيٰ تگر ٽي ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنوار جي مائٽن ڳوٺ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهوٽ جو پيءُ مارجي ويو.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو