چونڊ سڌارن لاءِ برابر نمائندگي ڏني وڃي: بيرسٽر گوهر علي

چونڊ سڌارن لاءِ برابر نمائندگي ڏني وڃي: بيرسٽر گوهر علي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته چونڊ سڌارن جي معاملي ۾ سڀني ڌرين کي برابر نمائندگي ڏني وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت بابت کين وڏا خدشا آهن، سندن مطالبو آهي ته سندس صحت تي سياست نه ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ جو به حڪم آهي ته عمران خان جو علاج ڪرايو وڃي، شفا اسپتال ۾ علاج ٿئي ۽ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.هن چيو ته خاندان سان ملاقات ۽ ذاتي ڊاڪٽر جي سهولت بابت به عدالتي حڪم موجود آهي. جيڪڏهن ان طريقيڪار تي عمل ڪيو ويو ته ئي کين اطمينان ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم، وڏي سياسي اڳواڻ ۽ قيدي جي حيثيت سان به عمران خان جو اهو حق آهي.بيرسٽر گوهر چيو ته سڀاڻي لاهور ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، جڏهن ته ٻيا وڪيل جيل ۾ ملاقات لاءِ ويندا. عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ پارٽي جو ناهي. سلمان اڪرم راجا اڳ ۾ ئي عدالت کي ان بابت آگاهه ڪري چڪو آهي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ٻيهر عدالت کي ٻڌايو ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف جي باني ۽ بشريٰ بي بي جون ملاقاتون ٿيڻ گهرجن، پر اهو الڳ معاملو آهي. عمران خان جي خاندان، ڀينرن ۽ وڪيلن کي به ساڻس ملاقات جي اجازت ملڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته القادر ڪيس ۾ 25 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيندا. کين انصاف ملڻ گهرجي ۽ انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو