ڊجيٽل وصولين ۽ ادائگين واري نظام’نيم‘ ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري

ڊجيٽل وصولين ۽ ادائگين واري نظام’نيم‘ ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ سومر ڏينهن چيو آهي ته هن پاڪستان ۾ قائم بي ٽو بي فِن ٽيڪ ڪمپني ”نيم“ (Neem) ۾ اڻڄاتل رقم جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جيڪا ڪاروبارن کي ڊجيٽل طريقي سان رقم وصول ڪرڻ، ان جو انتظام ڪرڻ ۽ ادائيگيون ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي.
منيلا ۾ قائم قرض ڏيندڙ اداري هڪ بيان ۾ چيو ته اها سيڙپڪاري اي ڊي بي وينچرز ذريعي ڪئي ويندي، جيڪا ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو وينچر ڪيپيٽل شعبو آهي.
اي ڊي بي چيو ته شروعاتي سيڙپڪاري نيم جي پراڊڪٽس جي ترقي، ٽيم کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ وڏن ڪاروباري ادارن ۽ واپارين کي پنهنجي سروسز سان ڳنڍڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.
پاڪستان صارفين جي ادائيگين کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو فوري ادائيگي وارو نظام ”راست“ ۽ موبائل والٽس لکين ماڻهن کي ڊجيٽل ادائيگي واري نظام سان ڳنڍيو آهي. تنهن هوندي به ڪاروباري ادائيگيون ان رفتار سان اڳتي نه وڌي سگهيون آهن.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، پرچون ٽرانزيڪشن جي مجموعي ماليت جو اندازي موجب 71 سيڪڙو اڃا تائين نقد رقم ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڊجيٽل ادائيگي وارو نظام اختيار ڪرڻ جي خواهشمند ڪمپنين کي بئنڪن، والٽس، پگهارون ادا ڪندڙ ادارن ۽ حساب ڪتاب جي نظامن سان الڳ الڳ رابطو ۽ انضمام ڪرڻو پوي ٿو. اهو عمل سست، مهانگو ۽ وڏي پيماني تي وڌائڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.
نيم جو مقصد ڪاروبارن کي هڪ ئي پليٽفارم فراهم ڪري اهو خال ختم ڪرڻ آهي، جنهن ذريعي اهي رقم وصول ڪرڻ، ان جي حساب ڪتاب ۽ ادائيگي ڪرڻ جو انتظام ڪري سگهن. ان جو اي پي آءِ (API) تي ٻڌل نظام رقم وصول ڪرڻ، ادائيگيون ڪرڻ، پروگرام ذريعي هلندڙ ليجر ۽ مالي معاملن جي انتظام جا طريقا گڏ ڪري ٿو، جڏهن ته ڪمپنيءَ جي موجوده آپريٽنگ سسٽم سان سڌو ڳنڍجي حقيقي وقت ۾ ادائيگين جي تصديق ۽ حساب ڪتاب کي خودڪار بڻائي ٿو.
نيم هن وقت لاجسٽڪس، يوٽيلٽيز، انشورنس، صنعتڪاري ۽ پرچون واپار جي شعبن ۾ 70 کان وڌيڪ وڏن ڪاروباري گراهڪن کي خدمتون فراهم ڪري رهي آهي.
”پاڪستان ڊجيٽل ادائيگين لاءِ مضبوط بنياد رکي رهيو آهي، ۽ ايندڙ قدم اهو يقيني بڻائڻ آهي ته هر ننڍي ۽ وڏي ڪاروبار کي هن اڳڀرائي مان مڪمل فائدو حاصل ٿي سگهي،“ پاڪستان لاءِ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فان چيو.
”نيم ڪاروباري ادارن کي نقد رقم ۽ الڳ الڳ نظامن کان هٽي، اهڙن ادائيگيءَ جي حلن ڏانهن منتقل ٿيڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي، جيڪي وڌيڪ تيز، شفاف ۽ انتظام ڪرڻ ۾ آسان آهن.“
نيم جي خدمتن جو اثر انهن ڪاروباري ادارن کان به گهڻو اڳتي پکڙجي ٿو، جن کي اها سڌو سنئون خدمتون فراهم ڪري ٿي. جڏهن ڪاروبار پنهنجون ادائيگيون ڊجيٽل بڻائين ٿا ته انهن جا سپلائرز، ننڍا واپاري ۽ گِگ ورڪرز، جن کي اهي ادائيگيون ڪن ٿا، پڻ باضابطه مالي نظام ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.
نيم جا حل هر قسم ۽ سائيز جي ڪاروبارن جي ادائيگيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، جن ۾ عورتن جي ملڪيت وارا ڪاروبار ۽ ننڍا ڪاروباري پڻ شامل آهن، ته جيئن جديد مالي نظام تائين رسائي صرف وڏن ڪاروباري ادارن تائين محدود نه رهي.
پنهنجي قرضن واري پورٽ فوليو جي حصي طور، نيم ملازمن کي اڳ ۾ ڪمائي چڪيل پگهار تائين ذميواراڻي انداز ۾ رسائي پڻ فراهم ڪري ٿي. اها سهولت پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ملازمن کي روزگار ڏيندڙ صنعتن جي بليو ڪالر ورڪرز تي ڌيان ڏئي ٿي ۽ غيررسمي ذريعن کان قرض وٺڻ تي سندن ڀاڙڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
اي ڊي بي وينچرز شروعاتي مرحلي جي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ڪري ٿي، جيڪي ايشيا ۽ پئسفڪ خطي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن ٿيون. ان جي توجهه وارن شعبن ۾ مالي ٽيڪنالاجي، زرعي ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ جامع ترقي شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو