پوليس هٿان گرفتار زخمي جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ هٿ

پوليس هٿان گرفتار زخمي جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بوٽ بيسن پوليس گذريل رات گرفتار ڪيل زخمي جوابدار جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار نادر شاهه اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، سندس خلاف اڳ به سنگين نوعيت جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن. جوابدار وٽان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي هئي. پوليس جوابدار جي وارداتن جون سي سي ٽي وي فوٽيجز پڻ حاصل ڪري ورتيون آهن، جن ۾ کيس ساٿي سان گڏ واردات ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. جوابدار جو ساٿي ڪجهه ڏينهن اڳ بوٽ بيسن پوليس هٿان گرفتار ٿي چڪو آهي. پوليس موجب نادر شاهه ان وقت گرفتاري کان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. گرفتار زخمي جوابدار پنهنجي ساٿي سان گڏ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندو هو. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو