ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خانگي ايئرلائن جي مديني کان ملتان ويندڙ اڏام پي ايف 763 ۾ 80 ورهين جو مسافر فوت ٿي ويو، مسافر جي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ۾ جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي.اڏام پاڪستان جي فضائي حدن ۾ آوران ويجهو هئي ته 80 ورهين جي مسافر شيخ محمد عالم جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، جنهن تي پائلٽن ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول (اي ٽي سي) کي آگاهه ڪري جهاز جو رخ ڪراچي ڏانهن موڙي ڇڏيو. جناح ايئرپورٽ تي جهاز لهڻ بعد پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي طبي ٽيم جهاز ۾ پهچي مسافر کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊاڪٽرن موجب دل جو دورو پوڻ سبب مسافر اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو. ملتان واسي شيخ محمد عالم تازو ئي عمري جي سعادت حاصل ڪئي هئي.










