پ پ  ڪي پي جي گورنر کي تڪراري نه بڻائي: طارق فضل

پ پ ڪي پي جي گورنر کي تڪراري نه بڻائي: طارق فضل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پيپلز پارٽي خيبرپختونخوا جي گورنر جي آئيني ڪردار ۽ وفاق سان رابطن کي تڪراري نه بڻائي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته فيصل ڪريم ڪنڊي جو وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ آئيني ۽ انتظامي ضرورت آهي، وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا جي گورنر کي بااختيار بڻائي رهي آهي. طارق فضل چوڌري چيو ته تازو آرڊيننس گورنر کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ بابت حڪومت جي عزم جو ثبوت آهن، جڏهن ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي گڏجي ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو