ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٿر ڏڪار امدادي پيڪيج تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن لاءِ امدادي پيڪيج بابت جائزي وارو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته عمرڪوٽ جي ريگستاني علائقن جا 25 ڳوٺ تجويز ڪيل آفت سٽيل علائقن ۾ شامل آهن. ترجمان موجب، وڏي وزير ڏڪار متاثرن لاءِ 5 ارب 30 ڪروڙ رپين جي امدادي پيڪيج تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي لاڳاپيل کاتن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان رابطو ۽ سهڪار يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي فراهمي تي في مڻ 2 هزار رپيا اضافي امداد پڻ ڏني ويندي. ان کانسواءِ آبادگارن لاءِ في ايڪڙ 4 هزار رپين جي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.










