ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ضلعي سطح تي پوليس کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.احتجاجي مظاهرن ۽ ريليون نڪرڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي شهر جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريڊ زون ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب ڪراچي پريس ڪلب ۽ ان جي آس پاس سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شهر جي ٻين اهم هنڌن تي به پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. مختلف احتجاجي ريلين جي امڪان سبب ايف ٽي سي پل تي ڪنٽينر پهچايا ويا آهن، جڏهن ته نمائش چورنگي، شاهراهه قائدين ۽ گرو مندر تي به سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر، ايمپريس مارڪيٽ ۽ شاهراهه فيصل تي پڻ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي.










