ليکڪ: محمود شام
تشخيص اها سامهون آئي آهي ته نظام ڪم نه پيو ڪري. هاڻي ان جو علاج ريفرنڊم تجويز ڪيو پيو وڃي. نوان انتظامي يونٽ، يعني 12 صوبا قائم ڪيا وڃن. عوام کان راءِ ورتي وڃي. واھگا کان گوادر تائين عوام کي ٽي اهڙا ريفرنڊم ياد اچي ويا آهن، جن جا نتيجا 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ”ها“ ۾ ئي آيا هئا.
اڄ آچر آهي. پٽن، ڌيئرن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن، ڏوهٽين، ننهن ۽ ناٺين سان منجهند جي مانيءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو ڏينهن. عصر جي نماز کانپوءِ پاڙي وارن سان ڪچهريءَ جو وقت. آچر کي ريفرنڊم جو ڏينهن ئي سمجهي وٺو. ان کان بهتر ريفرنڊم ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، جو هر گهر ۾ ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هجي. موضوع آهي: نوان انتظامي يونٽ قائم ڪيا وڃن يا نه؟
جيڪڏهن اهو ريفرنڊم ٿي وڃي ٿو ته ڪنهن سولين دور ۾ اهو پهريون ريفرنڊم هوندو. هاڻي اهو دور سولين آهي يا ڪجهه ٻيو، ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ مون کي سوئٽزرلينڊ ياد اچي ويو آهي، جتي ريفرنڊم کي آئيني حيثيت حاصل آهي. ريفرنڊم ذريعي عوام حڪومت جا فيصلا به ويٽو ڪري سگهي ٿو.
اوهان سوئٽزرلينڊ کي اسان جي قارونن ۽ شدادن جي حوالي سان سڃاڻو ٿا، ڇو ته انهن جو پئسو سوئس بئنڪن ۾ پيل آهي. انهن ڏانهن خط نه لکڻ سبب هڪ چونڊيل وزيراعظم کي گهر وڃڻو پيو هو. تاريخ هاڻي ان وزيراعظم کي سينيٽ جو چيئرمين بڻجڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هو صدر جي غيرموجودگيءَ ۾ وقتي سربراهه مملڪت به بڻجي ويندو آهي. ان وزيراعظم کي ڀريل عدالت ۾ عهدي تان هٽائيندڙ چيف جسٽس کي هاڻي ڪو ياد به نٿو ڪري.
اسان کي هڪ ٻن ڀيرن سوئٽزرلينڊ وڃڻ جو اتفاق ٿيو، اتي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه ريفرنڊم ئي لڳي. هونئن ته سوئٽزرلينڊ لاءِ برف سان ڍڪيل چوٽين ۽ سمنڊن جهڙين ڍنڍن جو حوالو ئي ڪافي آهي. سوئس ماڻهو جنگي بهادريءَ جي قصن جا قائل ناهن. اتي 700 سالن کان ڪا بادشاهت ناهي. اهي ڪنهن به جنگ ۾ شامل ناهن ٿيا، تنهنڪري کين غيرجانبداريءَ جو درجو حاصل ٿيو. جڏهن ٻه ملڪ پاڻ ۾ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيندا آهن ته ٻنهي ملڪن جي سفارتخانن جي سارسنڀال سوئس سفارتڪار ڪندا آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جا عوام ان جو تجربو ڪري چڪا آهن.
سوئٽزرلينڊ ۾ صدر جي چونڊ رڳو هڪ سال لاءِ ٿيندي آهي ۽ اهو به ستن وزيرن واري ڪابينا مان ڪنهن هڪ کي چونڊيو ويندو آهي. سوئس ماڻهو شخصيت پرستيءَ جا قائل ناهن. انهن وٽ ريفرنڊم رڳو راءِ شماري نه، پر اصل حڪمراني آهي. اتي پارليامينٽ فيصلا ڪري به وٺي ته عوام کي آخري فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
1848ع کان هيل تائين اتي 670 کان وڌيڪ قومي ريفرنڊم ٿي چڪا آهن. 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ڏئي سگهي ٿو. ووٽنگ سال ۾ وڌ ۾ وڌ چئن آچر وارن ڏينهن تي ٿيندي آهي. هر ڀيري هڪ ئي ڏينهن ۾ چئن کان پنجن مختلف معاملن تي ووٽ وڌو ويندو آهي. هر شهريءَ کي اڳواٽ هڪ اطلاع نامو موڪليو ويندو آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل مسئلي جي حق ۽ مخالفت ۾ دليل ڏنل هوندا آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ پارليامينٽ جون سفارشون پڻ درج هونديون آهن.
اتي ريفرنڊم جا به ٻه قسم آهن: هڪ لازمي ريفرنڊم ۽ ٻيو اختياري ريفرنڊم. عام ريفرنڊم لاءِ ته وڏي تعداد ۾ صحيحون گڏ ڪرائڻيون پونديون آهن، پر لازمي ريفرنڊم پاڻمرادو ٿيندو آهي. آئين ۾ ڪا به ترميم، ڪنهن اجتماعي سلامتيءَ واري تنظيم يا قومي سرحدن کان مٿانهين تنظيم ۾ شموليت، مثال طور گڏيل قومن ۾ شامل ٿيڻ، لازمي ريفرنڊم جا سبب آهن. اوهان حيران ٿيندا ته گڏيل قومن جو هيڊڪوارٽر ته 1945ع کان سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ هو، پر سوئٽزرلينڊ پاڻ 2002ع ۾ وڃي گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو. اهڙي هنگامي قانون بابت به لازمي ريفرنڊم ٿيندو آهي، جيڪو آئين ۾ موجود نه هجي ۽ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين لاڳو رکڻو هجي.
1848ع کان اهڙا ريفرنڊم 242 ڀيرا ٿيا، جن مان 72 سيڪڙو منظور ٿيا.
ٻيو قسم اختياري ريفرنڊم آهي، جيڪو عوام جي ويٽو جو حق آهي. پارليامينٽ ڪو قانون منظور ڪري ڇڏي، پر عوام ان کي روڪي سگهي ٿو. ان جو طريقو اهو آهي ته قانون سرڪاري گزٽ ۾ ڇپجڻ کان 100 ڏينهن اندر پنج لک صحيحون گڏ ڪرايون وڃن يا اٺ ڪينٽنن (انتظامي يونٽن) طرفان درخواست ڏني وڃي. صحيحون پوريون ٿيڻ شرط قانون تي عملدرآمد رڪجي ويندو آهي. اهو طريقو 1874ع کان هلندو اچي. هيل تائين اهڙا 215 کان وڌيڪ ريفرنڊم ٿي چڪا آهن، جن مان 58 سيڪڙو منظور ٿيا. جيڪڏهن عوام ”نه“ چئي ڇڏي ته اهو قانون ڪڏهن به لاڳو نه ٿيندو.
هڪ ٻيو طريقو اهو آهي ته عوام پاڻ اڳرائي ڪري ۽ آئين ۾ تبديليءَ جي تجويز پيش ڪري. ان لاءِ پارليامينٽ نه، پر عوام کي 18 مهينن اندر 10 لک صحيحون گڏ ڪرڻيون پونديون آهن. پارليامينٽ ۽ حڪومت ان حوالي سان پنهنجي متبادل تجويز به پيش ڪري سگهن ٿيون. عوام انهن مان ڪنهن هڪ کي چونڊي سگهي ٿو يا ٻنهي کي رد ڪري سگهي ٿو. هر ڪينٽن (انتظامي يونٽ) کي برابريءَ جي حيثيت حاصل آهي. وڏا شهر ڪنهن ننڍڙي جابلو ڪينٽن تي پنهنجي مرضي مڙهي نٿا سگهن، جيئن هتي وڏا صوبا ننڍن صوبن تي پنهنجي مرضي مڙهيندا رهيا آهن.
بس ائين سمجهي وٺو ته سوئس ماڻهو پنهنجا فيصلا پنهنجي مرضيءَ سان ڪندا آهن. سوئس ريفرنڊم جا تفصيل انتهائي اهم آهن. اوهان کي پنهنجي ريفرنڊم کان اڳ اهي ضرور پڙهڻ گهرجن.
سوئٽزرلينڊ جي آبادي 90 لک 8 هزار آهي. سوئٽزرلينڊ 10 سيپٽمبر 2002ع تي گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو ۽ اهو به هڪ ريفرنڊم ذريعي. ان کان اڳ 1986ع ۾ سمورن ڪينٽنن گڏيل قومن ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته ائين ڪرڻ سان سندن صدين پراڻي غيرجانبداري ختم ٿي ويندي. ان کانپوءِ مارچ 2002ع ۾ ٻيهر ريفرنڊم ٿيو ته 54.6 سيڪڙو ماڻهن ”ها“ ۾، جڏهن ته 45.4 سيڪڙو ماڻهن ”نه“ ۾ ووٽ ڏنو.
پاڪستان جي آئين ۾ به ريفرنڊم ڪرائڻ جو طريقو موجود آهي. جيڪڏهن وزيراعظم ڪنهن وقت قومي اهميت جي ڪنهن معاملي تي ريفرنڊم ڪرائڻ ضروري سمجهي ته اهو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندو. منظوري ملڻ کانپوءِ وزيراعظم اهو ئي معاملو عوام آڏو ”ها“ يا ”نه“ جي صورت ۾ رکندو.
ارڙهين آئيني ترميم کان اڳ وزيراعظم پاڻ ريفرنڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪري سگهندو هو، پر هاڻي شرط آهي ته سڀ کان اڳ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري وٺڻ لازمي آهي. اها ڳالهه به واضح آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ريفرنڊم ذريعي آئين ۾ تبديلي نٿي آڻي سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي جون حدون تبديل ڪرڻيون هجن ته لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جي ٻن ٽين اڪثريت جي منظوري لازمي آهي.
پاڪستان ۾ ريفرنڊم جي حيثيت رڳو مشاورت تائين محدود آهي، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۾ عوام جي راءِ پاڻمرادو لاڳو ٿيندڙ حڪم جي حيثيت رکي ٿي. مطلب ته سوئٽزرلينڊ ۾ عوام جي راءِ کي اوليت حاصل آهي.
پاڪستان ۾ هيل تائين ٽي ريفرنڊم ٿي چڪا آهن ۽ اهي ٽئي فوجي حڪمرانن ڪرايا هئا.
14 فيبروري 1960ع تي سوال پڇيو ويو ته ڇا اوهان کي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي قيادت تي اعتماد آهي؟ ان ريفرنڊم ۾ عام ووٽر عوام نه، پر بنيادي جمهوريت جا 80 هزار چونڊيل نمائندا هئا. نتيجي ۾ 95.6 سيڪڙو ماڻهن ”ها“ ۾ ووٽ ڏنو.
19 ڊسمبر 1984ع تي عوام کان سوال پڇيو ويو ته ڇا پاڪستان جا ماڻهو جنرل محمد ضياءُ الحق طرفان شروع ڪيل ان عمل جي توثيق ڪن ٿا، جنهن تحت پاڪستان جا قانون قرآن ۽ سنت مطابق بڻايا پيا وڃن، نظريه پاڪستان جو تحفظ ڪيو پيو وڃي ۽ اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪيو ويندو؟ نتيجي ۾ 97.7 سيڪڙو ماڻهن ”ها“ ۾ ووٽ ڏنو.
30 اپريل 2002ع تي سوال پڇيو ويو ته ڇا اوهان صدر جنرل پرويز مشرف کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ صدر برقرار رکڻ چاهيو ٿا؟ نتيجي ۾ 97 سيڪڙو ماڻهن ”ها“ ۾ ووٽ ڏنو.
پاڪستان ۾ جڏهن به ريفرنڊم جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته عوام کي 97 سيڪڙو نتيجو ياد اچي ويندو آهي.(هي مضمون اڄوڪي جنگ اخبار ۾ شايع ٿيو ۽ سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. ادارو)










