پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اڃا تائين هڪ ڏکيو هدف بڻيل ڇو آهي؟

پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اڃا تائين هڪ ڏکيو هدف بڻيل ڇو آهي؟

ليکڪ: فياض احمد خان
پاڪستان ۾ پوليو جو تازو ڪيس، جيڪو 6 نومبر تي خيبر ضلعي جي ستن مهينن جي هڪ ٻارڙي ۾ رپورٽ ٿيو، سال 2026ع جو نائون ۽ خيبر پختونخوا جو ستون ڪيس آهي. اهو هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڏياري ٿو ته پوليو جو خاتمو ڪيترو ڏکيو ثابت ٿيو آهي.
ٽن ڏهاڪن جي مهمن، اربين ڊالرن جي عالمي سهائتا، 4 لک کان وڌيڪ ڪارڪنن تي ٻڌل ميداني عملي ۽ دنيا جي وڏن پوليو پروگرامن مان هڪ قائم ڪرڻ باوجود، ملڪ اڃا تائين هڪ اهڙي بيماريءَ جو خاتمو نه آڻي سگهيو آهي، جنهن کان بچاءُ ممڪن آهي. پاڪستان پوليو مهمون هلائڻ جي پنهنجي صلاحيت کي اهڙي عوامي صحت جي نظام ۾ تبديل نه ڪري سگهيو آهي، جنهن تي خاندانن کي اعتماد هجي. ان ناڪاميءَ جي پٺيان ئي ويڪسين کان انڪار جا ڪيترائي سبب لڪل آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي جو وائرس اڃا تائين موجود آهي.
عام طور تي جيڪي رڪاوٽون بيان ڪيون وڃن ٿيون، اهي حقيقتون آهن: بدامني، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ ڏکيو جاگرافيائي علائقو پوليو ٽيمن کي ڪجهه ٻارن تائين پهچڻ کان روڪين ٿا، جڏهن ته ويڪسين کان انڪار، غلط معلومات ۽ مذهبي غلط فهميون ٻين ٻارن کي ويڪسين لڳرائڻ کان محروم رکن ٿيون. پر اهي سبب انهن علائقن ۾ وائرس جي موجودگيءَ جي وضاحت نٿا ڪن، جتي ويڪسين ٽيمون هر مهم دوران بار بار پهچن ٿيون، پر ان باوجود خاندان کين واپس موٽائي ڇڏين ٿا.
ان جو سبب ويڪسين کان اڳتي، رياست، ان جي صحت جي ادارن ۽ انهن جي خدمت هيٺ آيل برادرين جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ لڪل آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اهي برادريون انهن ادارن تي اعتماد ڪن ٿيون يا نه.
سياسي سائنس جي ماهر بو روٿسٽين جو چوڻ آهي ته حڪومت تي اعتماد جو دارومدار سرڪاري ادارن جي معيار ۽ غيرجانبداريءَ تي هوندو آهي. ماڻهو انهن ادارن تي اعتماد ڪندا آهن، جن کي هو منصفاڻو ۽ ڀروسي جوڳو سمجهندا آهن. رڳو رابطي ۽ آگاهيءَ سان اعتماد پيدا نٿو ٿئي، ۽ نه ئي ڪنهن قومي صحت جي ترجيح کي زبردستي اعتماد حاصل ٿي سگهي ٿو. اعتماد ماڻهن جي رياست سان روزمره جي تجربن مان پيدا ٿيندو آهي.
پاڪستان جو پوليو پروگرام اهڙي پيماني تي وسيلا متحرڪ ڪري ٿو، جنهن جو مقابلو ملڪ جا ٿورا ئي سرڪاري ادارا ڪري سگهن ٿا. اهو لکين ويڪسين ڏيندڙ ڪارڪن مقرر ڪري ٿو، گهرن جو نقشو تيار ڪري ٿو، ويڪسينيشن جي شرح جي نگراني ڪري ٿو ۽ انهن ٻارن تائين بار بار واپس وڃي ٿو، جيڪي اڳ ۾ رهجي ويا هجن. ان صلاحيت هزارين ٻارن کي معذوريءَ کان بچايو آهي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ اها اڃا به لازمي آهي.
پر هن ڪاميابيءَ سان گڏ هڪ ناڪامي به موجود آهي: رياست جي اها صلاحيت، جنهن تحت اها پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ لڳ ڀڳ هر گهر تائين پهچي ٿي، ان کي معمول جي حفاظتي ٽڪن ۽ بنيادي صحت جي سهولتن جي فعال نظام ۾ تبديل نه ڪيو ويو آهي.
ڪيترن ئي خاندانن لاءِ، خاص طور تي ملڪ جي انهن علائقن ۾، جتي بنيادي سهولتون موجود ناهن، پوليو ٽيم ئي رياست سان رابطي جو واحد باقاعده ذريعو ٿي سگهي ٿي. هڪ ويڪسين ڏيندڙ ڪارڪن سال ۾ ڪيترائي ڀيرا گهر جي دروازي تي اچي پوليو جا ڦڙا پياريندو آهي. پر ساڳئي گهر جي ڀرسان شايد ڪا فعال صحت جي سهولت موجود نه هجي، ٻارن لاءِ معمول جا حفاظتي ٽڪا نه هجن، مائرن جي صحت جي سارسنڀال جو بندوبست نه هجي ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر نه هجي. رياست ان وقت نظر اچي ٿي، جڏهن اها ٻار کي ويڪسين پيارڻ چاهي ٿي، پر جڏهن ان ٻار يا خاندان کي ڪنهن ٻي سهولت جي ضرورت هجي ته اڪثر نظر ئي نٿي اچي.
پاڪستان جي پوليو پروگرام تسليم ڪيو آهي ته برادريون پنهنجن مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مطالبن جي بنياد تي مهمن جو بائيڪاٽ سوديبازيءَ جي هڪ ذريعي طور استعمال ڪري رهيون آهن.
اهو تضاد خيبر پختونخوا جي ڏاکڻين علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي، جتي برادرين سالن کان حل نه ٿيندڙ مطالبن جي مڃتا لاءِ پوليو مهمن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. انهن مان ٿورن بائيڪاٽن جو سبب غلط معلومات يا مذهبي مخالفت آهي.
برٽش ميڊيڪل جرنل ڊسمبر 2023ع ۾ رپورٽ ڪيو هو ته خيبر پختونخوا جي ڏاکڻين علائقن ۾ قبائلي جرڳن ان سال 677 بائيڪاٽن جو اعلان ڪيو هو. انهن جا مطالبا بجلي، روڊن ۽ روزگار کان وٺي ڪچرو گڏ ڪرڻ جي سهولت تائين پکڙيل هئا.
پاڪستان جي پنهنجي پوليو پروگرام به تسليم ڪيو هو ته برادريون پنهنجن مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مطالبن جي بنياد تي مهمن جو بائيڪاٽ سوديبازيءَ جي هڪ ذريعي طور استعمال ڪري رهيون هيون. جڏهن ويڪسينيشن مهم ئي اهو واحد موقعو هجي، جنهن دوران شهري بنيادي سهولتون حاصل ڪري سگهن، ته ان جو قصور سموري حڪومتي نظام جو آهي. ڪجهه هنڌن تي بائيڪاٽ ئي انهن ٿورن عملن مان هڪ آهي، جنهن تي حڪومت کي ردعمل ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ٿو، ۽ برادرين اهو سبق سکي ورتو آهي.
پوليو مهمن جي ميداني عملي ۾ به پنهنجون ڪمزوريون آهن. عورت ويڪسين ڏيندڙ ڪارڪنن جو تعداد تمام گهٽ هجڻ، عملي جي ميمبرن ۾ بار بار تبديلي ۽ انهن سڀني جي تربيت جو اڻپورو هجڻ، گهرن جي دروازن تي ٿيندڙ ملاقاتن کي متاثر ڪري ٿو. ويڪسين ڏيندڙ ڪارڪن هميشه اطمينان بخش انداز ۾ اهو سمجهائي نٿا سگهن ته ٻار کي بار بار ويڪسين جا ڦڙا ڇو پيارڻ ضروري آهن. خاص طور تي انهن والدين کي سمجهائڻ ڏکيو هوندو آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته اڳوڻين مهمن دوران پياريل ڦڙا ڪافي هجڻ گهرجن ها. ان کان سواءِ، پروگرام انهن مقامي ۽ معتبر شخصيتن جي مدد به تمام گهٽ وٺن ٿا، جيڪي خاندانن جا خدشا سمجهن ٿيون. تنهن هوندي به، بهتر تربيت يافته ۽ وڌيڪ اثرائتي نموني سمجهائيندڙ ٽيم به قابل اعتماد سرڪاري سهولتن جي غيرموجودگيءَ جو خال ڀري نٿي سگهي.
بار بار دورا ڪرڻ سان نقصان به ٿي سگهي ٿو، جڏهن خاندان انهن کي پنهنجي مٿان مڙهيل عمل سمجهن. جن خاندانن جي زندگيءَ ۾ ڪا خاص بهتري نه آئي هجي، تن لاءِ پوليو ٽيم جي هر نئين آمد ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهي ٿي ته رياست کي رڳو هڪ بيماري ۽ هڪ مهم جي ڳڻتي آهي، پر سندن ٻارن جي مجموعي ڀلائيءَ جي گهڻي پرواهه ناهي.
ان جو حل اهو آهي ته ويڪسينيشن کي عوامي صحت جي هڪ وسيع ۽ مسلسل موجودگيءَ جو حصو بڻايو وڃي، جنهن لاءِ معمول جي حفاظتي ٽڪن ۽ بنيادي صحت جي سارسنڀال کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. پوليو پروگرام جيڪا پهچ جي صلاحيت پيدا ڪئي آهي، ان کي انهن ٻارن تائين پهچڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪي معمول جي حفاظتي ٽڪن کان رهجي ويا آهن، ۽ انهن جي خاندانن کي باقاعده صحت جي سهولتن سان ڳنڍڻ گهرجي. ان لاءِ تربيت يافته صحت جي ڪارڪنن، ويڪسين جي مسلسل فراهمي، آسانيءَ سان پهچڻ جهڙين صحت جي سهولتن ۽ علاج جي تسلسل جي ضرورت آهي. اهو سڀ ڪجهه پوليو مهمن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندڙ رهجي ويل ٻارن کي ويڪسين پيارڻ جي سرگرمين کان گهڻو اڳتي آهي، ته جيئن حفاظتي ٽڪا لڳائڻ ضلعي جي صحت جي نظام جو هڪ باقاعده ڪم بڻجي وڃي.
ان مسئلي جي پٺيان پوليو پروگرام ۽ صحت جي وسيع نظام جي وچ ۾ ادارتي علحدگي پڻ موجود آهي.
ڪيترن ئي سالن کان قومي ۽ صوبائي ايمرجنسي آپريشنز سينٽر هڪ الڳ ۽ وڏي مالي سهائتا سان هلندڙ ڍانچي طور ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي عالمي امداد ڏيندڙ ادارن آڏو جوابده آهن. اهي مهمن جي ڏينهن لاءِ وڏا وسيلا متحرڪ ڪن ٿا، جڏهن ته انهن جي ڀرسان موجود صوبائي صحت کاتا فنڊن جي کوٽ ۽ انتظامي ضابطن جي پابندين ۾ جڪڙيل رهن ٿا. پوليو پروگرام کي وڏي پيماني تي هلائڻ لاءِ جيڪي مخصوص مالي وسيلا، عملي، نگراني ۽ انتظامي بندوبست موجود آهن، انهن کي صوبن جي مستقل صحت جي بنيادي ڍانچي جو حصو بڻائڻ گهرجي.
برادرين کي پنهنجن ٻين مسئلن جي حل لاءِ به رابطا ۽ شڪايتن جا رستا ملڻ گهرجن، جيڪي مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن وسيلي ڪم ڪن. اهي رستا ويڪسينيشن مهمن کان الڳ ۽ آزاد نموني فعال هجڻ گهرجن. ٻي صورت ۾ حڪومت برادرين کي اهو سبق سيکاري ٿي ته ٻارن کي ويڪسين کان محروم رکڻ بجلي، پاڻي يا روڊن جهڙيون سهولتون حاصل ڪرڻ جو اثرائتو طريقو آهي.
ان جي ذميواري قومي صحت جي خدمتن، ضابطن ۽ هم آهنگي واري وزارت، صوبائي حڪومتن، خاص طور تي خيبر پختونخوا حڪومت، ۽ عالمي امداد ڏيندڙ ادارن تي آهي. انهن کي ڪاميابيءَ جو اندازو هر مهم دوران ويڪسين پهچندڙ ٻارن جي انگ سان گڏ ضلعي سطح جي صحت جي خدمتن جي مضبوطيءَ جي بنياد تي به لڳائڻ گهرجي. پوليو جو خاتمو مهمن تي دارومدار رکي ٿو، جن لاءِ بهتر تربيت يافته ۽ نمائندگيءَ جي لحاظ کان وڌيڪ موزون ٽيمون ضروري آهن. پر ان سان گڏ انهن شين جي به ضرورت آهي، جيڪي مهمون مهيا نٿيون ڪري سگهن: اهڙو صحت جو نظام، جيڪو ٻن مهمن جي وچ واري عرصي ۾ به ٻارن جي حفاظت ڪري.
جڏهن ويڪسينيشن ٽيم ڪنهن گهر جي دروازي تي پهچي ته خاندان کي ان ۾ اهڙي رياست جو حصو نظر اچڻ گهرجي، جيڪا سندن ٻارن جي حفاظت پڻ ڪري ٿي ۽ سندن ڳالهه به ٻڌي ٿي. جيستائين ائين نه ٿيندو، تيستائين پاڪستان پوليو مهمون ته هلائيندو رهندو، پر اهي حالتون برقرار رهنديون، جيڪي پوليو جو خاتمو ايترو ڏکيو بڻائين ٿيون.
ليکڪ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ۽ عوامي صحت جو ماهر آهي، جنهن کي ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي. هي مضمون 14 نومبر تي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو