سلمان صفدر ۽ کوسا جي خان ۽ بشريٰ سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

سلمان صفدر ۽ کوسا جي خان ۽ بشريٰ سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ لطيف کوسه ۽ بيرسٽر سلمان صفدر جي جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ انهي جي گهر واري بشريٰ بي بي سان هڪ ڪلاڪ جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهو حڪم چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف تي ٻڌل بينچ 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي جي دوران ڏنو.انهي ڪيس ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت گذريل سال جنوري ۾ عمران خان کي 14 سال قيد ۽ 10 لک روپيه ڏنڊ جڏهن ته بشريٰ بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت قرار ڏنو هو ته ٻنهي برطانيه کان پاڪستان منتقل ڪيل غيرقانوني رقم جي واپسي واري معاملي ۾ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض کي ناجائز فائدو پهچايو.اپيلن تي ٻڌڻي جي دوران بشريٰ بي بي جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر، ايڊووڪيٽ سردار لطيف کوسه، بيرسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجه کان علاوه ايڊووڪيٽ حامد خان ۽ پي ٽي آءِ جا ٻيا اڳواڻ عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. انهي کان علاوه نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم خاص طور تي پراسيڪيوٽر جنرل سهيل ناصر به پيش ٿيو.ٻڌڻي جي شروعات تي ئي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن طرفان سزائن جي خلاف داخل اپيلن تي دليل ڏيڻ ۾ دير جو معاملو اٿاريو. هنn چيو ته گذريل ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ لطيف کوسه طرفان حلفيه چيو ويو هو ته ايندڙ تاريخ تي مرڪزي اپيلن تي دليل شروع ڪنداسين، وڌيڪ التوا نه گهرنداسين. لطيف کوسه التوا جو سبب بيان ڪندي چيو ته منهنجي اڃان تائين عمران خان سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي.انهي تي چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کان پڇيو ته ڇا اهو لطيف کوسه جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي سگهي ٿو؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هنن جي به ملاقات ڪرائي ٿا ڇڏيون، انهي کان پوءِ چيف جسٽس بيرسٽر سلمان جي لاءِ چيو هن جيڪو گهرeو اهو مون ڏنو. انهي ڪري اڄ هن ڪيس ۾ دليل شروع ڪرڻا پوندا. انهي تي بيرسٽر سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي عمران خان سان 7 مهينا ۽ بشريٰ بي بي سان 12 مهينن کان پوءِ اوچتو ملاقات ڪرائي وئي هئي ۽ اها به صرف 40 منٽن جي لاءِ جنهن دوران ٻنهي جي 64 کان وڌيڪ درخواستن تي مشاورت ڪرڻي هئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سلمان صفدر پهريان عدالت کي ٻڌايو هو ته انهي جي موڪلن انهي کي صرف سزا معطلي جي درخواستن لاءِ وڪيل مقرر ڪيو آهي جنهن تي سلمان صفدر چيو ته مون کي هاڻ اپيلن تي دليل ڏيڻ جون هدايتون به ملي چڪيون آهن. هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان اڃان به مڪمل مڪمل رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ جو ڏوراپو ڏيندي پيپر بڪس فراهم ڪرڻ ۽ تياري جي لاءِ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي.چيف جسٽس جي پڇاڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مان ايڊووڪيٽ لطيف کوسه جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي ڇڏيندس جنهن تي چيف جسٽس انهي کي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو جڏهن ته لطيف کوسه کي ايندڙ هفتي انهن اپيلن تي دليل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جنهن تي بيرسٽر سلمان صفدر پنهنجي اڻ مڪمل ملاقات جو حوالو ڏيندي ٻيهر ملاقات ڪرائڻ جي استدعا ڪئي.انهي کان پوءِ چيف جسٽس ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد کي ٻنهي وڪيلن جي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم موجب اها ملاقات هڪ ڪلاڪ جي لاءِ هوندي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسه چيف جسٽس جي پڇاڻي تي ملاقات لاءِ هڪ ڪلاڪ جو ئي وقت گهريو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو