ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي دشت، بال نگور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان جديد هٿيار، مواصلاتي سامان ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.هٿ آيل روڪ رقم ۾ عام بلوچ شهرين کان ڦريل رقم پڻ شامل آهي.آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.










