ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان آڪٽوبر 2026ع دوران ملڪ ۾ وصول ٿيندڙ پرڏيهي موڪليل رقم جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين آڪٽوبر مهيني دوران 3 ارب 90 ڪروڙ ڊالر پنهنجي وطن موڪليا.اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل سال جي ساڳئي مهيني جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي موڪليل رقم ۾ 13.8 سيڪڙو، جڏهن ته سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ 8.5 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين، مجموعي طور پاڪستان کي 14 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جون پرڏيهي موڪلون وصول ٿيون، جيڪي گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن.اسٽيٽ بئنڪ موجب آڪٽوبر دوران سعودي عرب مان پاڪستانين 98 ڪروڙ 16 لک ڊالر پنهنجي وطن موڪليا، جڏهن ته گڏيل عرب امارات مان 81 ڪروڙ 59 لک ڊالر وصول ٿيا.اهڙيءَ طرح برطانيا مان 59 ڪروڙ 22 لک ڊالر، جڏهن ته آمريڪا مان 32 ڪروڙ 89 لک ڊالر پاڪستان موڪليا ويا.










