ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي يعقوب آباد ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.ٻئي طرف سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس ڏکڻ ضلعي موجب ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن، باٿ آئلينڊ ۾ ڪارروائي ڪندي گهر ۾ چوريءَ ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ گهر جو ڊرائيور پڻ شامل آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان 10 تولا سون جا 6 بسڪيٽ ۽ 5 لک رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.ايس ايس پي ڪراچي سائوٿ ٻڌايو ته چوريءَ جو ڪيس 6 نومبر تي بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدارن گهر مان سون جا 10 بسڪيٽ، زيور ۽ 50 لک رپيا روڪ رقم چوري ڪئي هئي.










