ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ سپارڪو روڊ تي پوليس مقابلي دوران ڪار سوار شهري جي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب بلديا ٽائون جي سپارڪو روڊ تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.جوابدارن وٽان غيرقانوني هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ياسر عرف بابل عرف اٺ ۽ غلام مصطفيٰ عرف مستو طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن 2 نومبر تي سپارڪو روڊ تي ڪار سوار سعد ظفر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جڏهن ته جوابدارن جاچ دوران شهري جي قتل جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.جوابدارن پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته واردات دوران هٿيار ڏيکاري ڪار روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪار سوار شهري جي فائرنگ ڪرڻ تي هنن جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سعد ظفر موقعي تي ئي مارجي ويو.جوابدارن ٻڌايو ته سندن ڇهن ڄڻن تي ٻڌل گروهه آهي، جيڪو ڦر ۽ ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهي. گرفتار جوابدار غلام مصطفيٰ خلاف 8، جڏهن ته ياسر بابل خلاف 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.پوليس گرفتار جوابدارن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته گروهه جي باقي جوابدارن جي ڳولا پڻ جاري آهي.










