لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون غيرجماعتي بنيادن تي ڪرائڻ خلاف داخل درخواستن تي ڪيس جلد ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ بابت متفرق درخواست منظور ڪري ورتي آهي.جسٽس سلطان تنوير احمد شيخ امتياز محمود ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت هاءِ ڪورٽ جي آفيس کي هدايت ڪئي ته مک ڪيس 10 ڏينهن اندر ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو وڃي.درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته حڪومت 7 نومبر تي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اشارو ڏنو آهي، اهي چونڊون غيرجماعتي بنيادن تي ڪرايون پيون وڃن، جڏهن ته انهن چونڊن لاءِ بيوروڪريسيءَ کي وسيع اختيار ڏنا ويا آهن.درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته فنڊن جي ورهاست ۾ من پسند ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.










