لاڙڪاڻو، زهريلي چانهه پيئڻ سبب 12 ڄڻا بيهوش

لاڙڪاڻو، زهريلي چانهه پيئڻ سبب 12 ڄڻا بيهوش

لاڙڪاڻو (ن س )لاڙڪاڻي جي علائقي الله آباد ۾ زهريلي چانهه پيئڻ سبب هڪ ئي گهر جا 12 ڀاتي بيهوش ٿي ويا. بيهوش ٿيندڙن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جو به شامل آهن. اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ سمورن متاثرن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. متاثرن موجب پاڙي مان کير گهرائي چانهه تيار ڪئي وئي، جيڪا پيئڻ بعد هو بيهوش ٿي ويا. اسپتال ۾ داخل سمورن متاثرن جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو