واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ کي وڌيڪ نه وڌائڻ جو اشارو ڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتراف ڪيو آهي ته چونڊن ۾ شڪست جو هڪ اهم سبب ايران سان جنگ هئي. آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران خلاف جنگ کي وڌيڪ وڌائڻ جو ڪو سبب ناهي ۽ سندس اهڙو ڪو ارادو به ناهي. آمريڪي صدر اعتراف ڪيو ته ايران خلاف جنگ سبب آمريڪا کي نقصان پهتو آهي، پر ساڳئي وقت تهران تي حملن جو دفاع ڪندي چيو ته انهن حملن ذريعي ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويو، جيڪو تاريخي لحاظ کان درست فيصلو ثابت ٿيندو. هن چيو ته آمريڪا هن وقت جيترا جنگي هٿيار ۽ جنگي جهاز تيار ڪري رهيو آهي، اوترا ملڪ جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به تيار نه ڪيا ويا آهن. صدر ٽرمپ موجب ايران تي حملو ان جي جوهري پروگرام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ايران خلاف جنگ کانسواءِ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن، اسرائيل مخالف جذبن ۽ سخت اميگريشن پاليسي پڻ وچ مدي وارين چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي شڪست جا سبب بڻيا.










