اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ بابت فيصلو پارليامينٽ ۾ ٿيڻو آهي. ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن قانونسازي هاڻي ڪئي وڃي ۽ ان تي عمل ايندڙ چونڊن کانپوءِ ٿئي ته ڇا اها ڳالهه عملي طور ممڪن لڳي ٿي؟ پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي، جتي ريفرنڊم ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ بابت فيصلو ٿيندو ۽ اهو پڻ طئي ڪيو ويندو ته ريفرنڊم ۾ ڪهڙو سوال رکيو وڃي. هن چيو ته 26هين آئيني ترميم لاءِ اسان سڀ ڏيڍ مهينو مولانا فضل الرحمان جي در تي ويٺا رهياسين. ٽي ٽي جماعتون مولانا سان ملاقات لاءِ انتظار ڪنديون هيون. 26هين آئيني ترميم جي هڪ هڪ شق تي بحث ٿيو، جنهن کانپوءِ اتفاق راءِ پيدا ٿيو. 27هين ترميم ۾ آئيني عدالت قائم ڪئي وئي، جيڪا اصل ۾ 26هين ترميم جي رهجي ويل ايجنڊا هئي. اسان جو موقف آهي ته انگ پورا ٿيڻ کانپوءِ ئي ترميم پارليامينٽ ۾ آندي وڃي. 28هين آئيني ترميم بابت حڪومت اڃا ڪا تياري نه ڪئي آهي، تنهنڪري ڪنهن سان صلاح مشوري جو به سوال پيدا نٿو ٿئي. رانا ثناءُ الله چيو ته 18هين ترميم ذريعي اختيار وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيا، پر صوبن اهي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ڪيا. اصل مسئلو اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي آهي، جيڪو صوبن، ننڍن انتظامي يونٽن يا مڪاني حڪومتن جي نظام ذريعي حل ٿي سگهي ٿو. اين ايف سي جي طرز تي پي ايف سي قائم ڪيو وڃي ۽ فنڊ يونين ڪائونسلن تائين پهچايا وڃن ته اختيار به هيٺين سطح تائين منتقل ٿي ويندا. هن سوال ڪيو ته آئيني تحفظ کانسواءِ مڪاني ادارا ڪيئن مضبوط ٿي سگهندا؟هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جو اصل مسئلو دهشتگردي آهي، نه ڪي مولانا فضل الرحمان جي گهر ٻاهران پيل جنريٽر. اسان کي ملڪ کي درپيش مسئلن تي ڌيان ڏيڻ ۽ انهن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان جي راءِ اسان کان مختلف آهي ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن کي اچ وڃ ۾ ڏکيائي آهي ته مولانا کي ڪيبن ۽ جنريٽر هٽائڻ لاءِ چئي سگهجي پيو. اسان ڪيترائي ڀيرا مولانا جي رهائشگاهه تي ويا آهيون، وزيراعظم ۽ محسن نقوي به اتي ويندا رهيا آهن، پر اسان کي گهر ٻاهران لڳل سيڪيورٽي ڪيبن يا جنريٽر ڪا رنڊڪ محسوس نه ٿيو. هاڻي ٻيهر وڃي ڏسنداسين ته اهي شيون واقعي رنڊڪ بڻيل آهن يا نه. رانا ثناءُ الله چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم يا ڪنهن ٻئي مولانا کي ڏنل نوٽيسن بابت ڳالهه نه ڪئي. مون اهو موقف رکيو هو ته ضروري ناهي ته اسان مولانا جي راءِ سان متفق هجون، پر اختلاف به احترام سان ڪرڻ گهرجي. مان مولانا فضل الرحمان کي به گذارش ڪندس ته پنهنجي جذبن ۽ ڪاوڙ تي ضابطو رکن. مولانا جنهن انداز ۾ چئلينج ڪري ٿو ۽ سخت لفظ استعمال ڪري ٿو، اهو پڻ مناسب ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وزيراعظم جي سطح تي مداخلت ڪئي وڃي ۽ ٻنهي ڌرين طرفان هڪ ٻئي جو احترام برقرار رکيو وڃي. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار چيو ته پي ٽي آءِ وارا ملاقاتن جو غلط استعمال بند ڪن ته ملاقاتون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون. سلمان صفدر جي ملاقات کانپوءِ به اهو مسئلو پيدا ٿيو ۽ سندس حوالي سان چيو ويو ته باني پي ٽي آءِ جو بلڊ پريشر وڌي ويو هو، جيڪا ڳالهه غلط آهي. باني پي ٽي آءِ کي بلڊ پريشر وڌڻ جو ڪو مسئلو ناهي. سندس علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي نه پئي ڪئي وڃي ۽ ڊاڪٽر جيڪي تجويزون ڏيندا، انهن تي فوري عمل ڪيو ويندو. اڳ به سندس علاج ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وئي آهي.










