انقرھ (ويب ڊيسڪ) ترڪيءَ جي اولهه واري شهر ازمير ۾ لوهه ۽ اسٽيل جي فيڪٽريءَ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.اختيارين موجب فوت ۽ زخمي ٿيل سمورا ماڻهو فيڪٽريءَ جا ملازم هئا. واقعي واري هنڌ تان مليل وڊيوز ۾ فيڪٽريءَ اندر وڏي پيماني تي باهه لڳل ۽ دونهين جا وڏا ڪڪر اڀرندي نظر آيا.مقامي گورنر موجب ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن متبادل بوائلر کڻي ويندڙ ڪرين ڪري پئي ۽ ان تي رکيل سامان هيٺان ٻرندڙ بٺيءَ ۾ وڃي ڪريو.واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ڌماڪي سبب زمين ڏڪي وئي ۽ شروعات ۾ هڪ ڄڻي کي لڳو ته زلزلو آيو آهي.ازمير جي گورنر سليمان البان ميڊيا سان ڳالهائيندي خدشو ظاهر ڪيو ته ڪجهه ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل ٿي سگهن ٿا.










