ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي عمرڪوٽ ڪيمپس کي درپيش مالي ڏکيائين ۽ تعليمي سرگرمين ۾ رڪاوٽ بابت ميڊيا رپورٽن جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس ورتو آهي. حڪومت جي پهرين ترجيح شاگردن جي تعليم جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ انهن جي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ آهي. هن چيو ته 2017ع ۾ وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي مالي سهڪار سان قائم ڪيل عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن جا لڳ ڀڳ 1,500 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪيمپس جي تعمير ۽ ترقي وفاقي ايڇ اي سي جي منظور ٿيل پي ايس ڊي پي منصوبي تحت ٿيڻِي هئي، پر وفاقي مالي سهڪار ۽ ترقياتي فنڊز جي فراهمي بند ٿيڻ سبب ڪيمپس سخت مالي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ تعليمي سرگرميون متاثر ٿيون آهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته مسلسل مالي بحران سبب پرو وائيس چانسلر احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. استعيفيٰ جي سمري وصول ٿي چڪي آهي، جنهن تي وڏو وزير سنڌ قانون موجب فيصلو ڪندو. هن ٻڌايو ته وفاقي ايڇ اي سي ڪيمپس لاءِ 1,796.092 ملين رپين جو پي ايس ڊي پي منصوبو منظور ڪيو هو، جنهن مان 625 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مالي سال 2026-27ع لاءِ مختص ڪيل 300 ملين رپيا اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا آهن. محمد اسماعيل راهو چيو ته لڳ ڀڳ 1,500 شاگردن جي تعليمي مستقبل ۽ تدريسي عمل جو تسلسل يقيني بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي سنڌ حڪومت کان سالياني 200 ملين رپيا (20 ڪروڙ رپيا) مالي سهڪار جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي صوبائي حڪومت مثبت انداز ۾ غور ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو وڏو وزير سنڌ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عمرڪوٽ پبلڪ اسڪول جي عمارت ۽ زمين يونيورسٽي کي مستقل طور الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان زمين جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو آهي. نومبر ۽ ڊسمبر 2026ع جي امتحانن ۽ جنوري 2027ع کان تدريسي سرگرمين جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ اسٽيوٽا (STEVTA) جي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر (بوائز)، عمرڪوٽ کي عارضي طور استعمال ڪرڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي، جڏهن ته مستقل ڪيمپس جي تعمير جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت ۽ ايڇ اي سي کان مطالبو ڪندي ته مالي سال 2026-27ع لاءِ مختص ڪيل 300 ملين رپيا فوري طور جاري ڪيا وڃن ۽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي مالي سهڪار بحال ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت شاگردن جي تعليمي مفادن جي تحفظ ۽ عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ تعليمي سرگرمين جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ضروري قدم کڻندي. شاگردن کي اهڙين مالي ڏکيائين جي سزا نه ملڻ گهرجي، جيڪي سندن اختيار کان ٻاهر آهن.










