سکر (بيورو رپورٽ) ڪندرا ٿاڻي جي حدن ۾ ابڙا پل ويجهو پوليس گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربند جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ ساجد جاگيراڻي طور ٿي آهي، جيڪو ڦر، چوري، ڌاڙن، موبائل فون ڦرڻ ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترين ئي سنگين وارداتن ۾ ملوث ۽ پوليس کي گهربل هو.ايس ايس پي سکر احمد چوڌري موجب گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل گولين سميت ۽ هڪ ڦر ٿيل موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن بابت اڳ ئي پٽڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هو.پوليس موجب گرفتار زخمي جوابدار کي علاج لاءِ لاڳاپيل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. پوليس رڪارڊ موجب گرفتار جوابدار ساجد جاگيراڻي خلاف پٽڻي ٿاڻي تي ڪيس نمبر 138/2026 قلم 395 ۽ ڪيس نمبر 146/2026 قلم 402، 324 ۽ 353 تحت داخل آهن، جڏهن ته ڪندرا ٿاڻي تي ڪيس نمبر 151/2026 قلم 324، 353، 399 ۽ 401 ۽ ڪيس نمبر 152/2026 سنڌ آرمز ايڪٽ جي قلم 24 تحت داخل ٿيل آهن.ايس ايس پي سکر موجب جوابدار جو وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ معلوم ڪرڻ لاءِ ٻين ٿاڻن ۽ مختلف ضلعن کان پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.










