ڪراچيءَ ۾ گهر اندر فائرنگ، پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا

ڪراچيءَ ۾ گهر اندر فائرنگ، پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بوٽ بيسن ڀرسان شاهه رسول ڪالونيءَ ۾ گهر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ مارجي ويا. ايس ايس پي ڏکڻ موجب پيءُ پنهنجي 6 کان 7 ورهين جي پٽ کي گولي هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعو گهريلو جهيڙي جو نتيجو لڳي ٿو. پوليس موجب مڙس ۽ زال وچ ۾ مالي معاملن تان تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته مڙس مالي مشڪلاتن جو شڪار هو. فائرنگ کان اڳ به ٻنهي زال مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو. جهيڙي کانپوءِ جوابدار ڪاوڙ ۾ پهرين پٽ کي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب واقعي وقت جوابدار جي زال ۽ ڌيءَ پڻ گهر ۾ موجود هيون، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو